اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿوري دير ۾ شروع ٿيندو، اجلاس ۾ 11 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويندو، وفاقي وزارتن ۾ اِي آفيس جي استعمال تي ڪابينا جي ميمبرن کي بريفنگ ڏني ويندي، اجلاس ۾ سيڙپڪاري بورڊ ۽ شينڊونگ زوئي گروپ وچ ۾ ٽيڪسٽائل پارڪز لاءِ معاهدي جي منظوري پڻ ڏني ويندي،اجلاس ۾ اهم فيصلا پڻ ڪياويندا.