تازہ ترین

January 7, 2025

Year : 2025

حڪومت پاران مختلف کاتن مان ڏيڍ لک خالي جايون ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) حڪومت پاران مختلف کاتن مان ڏيڍ لک خالي جايون ختم ڪرڻ جو اعلان، خساري ۾ هلندڙ ادارن کي بند ڪرڻ جو فيصلو، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته 60 سيڪڙو خالي جايون ختم ڪيون ويون آهن، هڪ ئي وقت 5 کان 7 کاتا ختم ڪيا ويندا، 43کاتن […]

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي تي نيب ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي تي نيب ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو، ڏوهه مڃڻ کان انڪار، احتساب عدالت لاهور ۾ ترقياتي منصوبن ۾ رشوت وٺڻ بابت ريفرنس جي ٻڌڻي، عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير تي نيب ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب […]

اليڪشن ڪميشن پاران سينيٽر سيف الله ابڙو جي نااهلي جي درخواستن تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو جي نااهلي جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن ٻڌڻي ڪئي، سيف الله ابڙو ٽيڪنوڪريٽ سيٽ لاءِ اهل ناهي، کيس پارليامينٽ ۾ ويهڻ جو ڪو حق ناهي، سيف الله ابڙو کي ٽيڪنوڪريٽ جو […]

منهنجي ڪيس ۾ جج رٽائرڊ ٿي ويو، پر فيصلو ناهي آيو: آغا سراج دراني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آغا سراج درانيءَ چيو آهي ته منهنجي ڪيس ۾ جج رٽائرڊ ٿي ويو، پر فيصلو ناهي آيو، ٽيهن سالن کان ميڊيا ذريعي ٽرائل هلي رهيو آهي، سياسي بنيادن تي ڪيسن جو سلسلو ختم ٿيڻ ختم ٿيڻ گهرجي، سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جون ميڊيا سان ڳالهيون، سندس چوڻ هو […]

معاشي سفارتڪاري لاءِ ڪيل ڪوششن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ديسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي سفارتڪاري لاءِ ڪيل ڪوششن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ٽيڪسٽائل جي شعبي ۾ ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيو آهي، زراعت، ڪامرس سميت ٻين شعبن ۾ سڌارن لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اڏام پاڪستان پروگرام سان ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف جو […]

ٻٻرلوءِ ڀرسان نوجوان بيدرديءَ سان قتل، واهه مان گوليون لڳل لاش هٿ

خيرپور (ويب ڊيسڪ) ٻٻرلوءِ ڀرسان نوجوان بيدرديءَ سان قتل، واهه مان گوليون لڳل لاش هٿ، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، نوجوان جي سڃاڻپ رتوديرو واسي 27 ورهين جي عبدالواحد طور ٿي.

انجري جو شڪار پاڪستاني بيٽسمين صائم ايوب علاج لاءِ لنڊن روانو

ڪيپ ٽائون (اسپورٽس ڊيسڪ) انجري جو شڪار پاڪستاني بيٽسمين صائم ايوب علاج لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو، پي سي بي چيئرمين جي هدايت تي صائم ايوب جو علاج لنڊن ۾ ڪرايو ويندو، اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود به صائم ايوب سان گڏ لنڊن روانو ٿي ويو، صائم ايوب ڏکڻ آفريقا خلاف کيڏندي زخمي ٿي پيو هو.

ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه ۾ يرغمالين کي آزاد نه ڪرڻ تي خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي

نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر جي غزه ۾ يرغمالين کي آزاد نه ڪرڻ تي خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي، ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اقتدار سنڀالڻ تائين جيڪڏھن مغوي آزاد نه ٿيا ته دشمنن کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، اسرائيل سان گڏ آھيون پر امن جا حامي به آھيون.

برطانيه ۾ برفباري ۽ برساتن سبب عام زندگي سخت متاثر، ٻوڏ جي صورتحال

لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) برطانيا ۾ برسات ۽ برفباري سبب عام زندگي متاثر ٿي رهجي وئي آهي، برساتن سبب لنڪن شائر ۽ ليسٽر شائر ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ٻوڏ بعد 50 شاگردن سميت 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو، برفباريءَ سبب اچ وارا روڊ رستا بند ٿي ويا، برساتن ۽ رڪارد […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.