ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آغا سراج درانيءَ چيو آهي ته منهنجي ڪيس ۾ جج رٽائرڊ ٿي ويو، پر فيصلو ناهي آيو، ٽيهن سالن کان ميڊيا ذريعي ٽرائل هلي رهيو آهي، سياسي بنيادن تي ڪيسن جو سلسلو ختم ٿيڻ ختم ٿيڻ گهرجي، سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جون ميڊيا سان ڳالهيون، سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت کي اتحادين سان صلاح ڪرڻ گهرجي، هو سنڌو درياءَ سنڌ مان نين ڪئنال جي مخالفت ڪن ٿا، سنڌ سان ڪڏهن به زيادتي ٿي ته هڪ هڪ سنڌي ٻاهر نڪري ايندو، آغا سراج دراني ۽ ٻيا جوابدار آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ جج جي موڪل تي هجڻ سبب لنڪ جج جي عدالت ۾ پيش، ٻڏڻي بنا ڪارروائي جي 13 فيبروري تائين ملتوي.