اسلام آباد (ويب ديسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي سفارتڪاري لاءِ ڪيل ڪوششن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ٽيڪسٽائل جي شعبي ۾ ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيو آهي، زراعت، ڪامرس سميت ٻين شعبن ۾ سڌارن لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اڏام پاڪستان پروگرام سان ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف جو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي، بجلي جي قيمتن جي حوالي سان صوبا ۽ وفاق گڏجي ڪردار ادا ڪن، ڊي سي ڪرم تي حملو امن معاهدي کي نقصان پهچائڻ جي سازش هئي.