ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار، سنڌ ۾ سيءَ ۾ واڌ اچي وئي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وقفي وقفي سان برفباري جاري، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا، زندگي جو نظام ڊانواڊول، وادي نيلم ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ برفباري سبب ڪاروهنوار متاثر، قلات ۾ پارو ڪاٽو 10 تي پهتو، زيارت ۾ ڪاٽو 9 ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 7 رڪارڊ ڪيو ويو، پنجاب ۾ ڪوهيڙي سبب مختلف موٽر ويز ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا، انتظاميا پاران ٽرانسپورٽرز کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايتون جاري ڪيون ويون.