ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ شاهه فيصل انٽر سيڪشن کان ايئرپورٽ تائين روڊ کي بهتر بڻائڻ جو فيصلو، وڏي وزير جي قائدآباد انٽرسيڪشن ٻن مهينن ۾مڪمل ڪرڻ جي هدايت، ان موقعي تي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ملير ايڪسپريس وي جو 9 ڪلوميٽرن جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيو آهي، ٽول پلازا تي 18بوٿ ٺاهيا ويا آهن، ملير ايڪسپريس وي رٿا بابت اجلاس ۾ مراد علي شاهه پاران آٽوميٽڪ ٽول پلازا لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي، سندس چوڻ آهي ته هو پهريون مرحلو 11 يا 12 جنوري تي عوام لاءِ کولڻ چاهي ٿو.