واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي اوڀرندي سامونڊي رياستن ۾ برفاني طوفان سبب 7 رياستن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون، 2 هزار اڏامون ملتوي ڪيون ويون، آمريڪا جي رياستن نيوجرسي، پينسلوينيا، ورجينيا ۽ اوهايو سڀ کان متاثر ٿيون، 3 لک کان وڌيڪ شهري بجلي کان محروم ٿي ويا، حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، واشنگٽن ڊي سي ۾ 18 انچن تائين برف پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.