ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ملير ايڪسپريس وي وٽ پوليس مقابلي ۾هڪ ڏوھاري مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آھي ته گشت دوران بيھڻ جي اشاري تي جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي ڪارروائي ۾ برڪت مارجي ويو، مارجي ويل جوابدار وٽان ھٿ آيل پسٽل پوليس اھلڪار کان ڦر ڪيل ھو.