تازہ ترین

December 11, 2024

Year : 2025

مدرسن جا چوڪيدار آهيون، رجسٽريشن ۽ نصاب جي حوالي سان واويلا اجائي آهي: طاهر اشرفي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين مولانا طاهر اشرفيءَ چيو آهي ته مدرسن جا چوڪيدار آهيون، دنيا جي ڪا به طاقت مدرسن جو نصاب تبديل نه ٿي ڪري سگهي، ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن ۽ نصاب جي حوالي سان واويلا اجائي آهي، مدرسن جي رجسٽريشن واري نظام […]

نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي سنڌ جي هاءِ ويز سان خاص دشمني آهي: شازيه عطا مري

اسلام آباد (ويب ديسڪ) قومي اسيمبلي ميمبر شازيه عطا مريءَ چيو آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي سنڌ جي هاءِ ويز سان خاص دشمني آهي، سنڌ جي هاءِ ويز تي رحم ڪيو وڃي، سنڌ هر طرح سان پاڪستان جي ترقي ۾ حصو ڳنڍي رهي آهي، پ پ اڳواڻ شازيه عطا مري قومي اسيمبلي ۾ […]

پي ٽي آءِ باني کي اقتدار ۾ آڻيندڙن ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد سرفهرست هو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي اقتدار ۾ آڻيندڙن ۾ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد سرفهرست هو، ٻنهي پارٽنرشپ 9 مئي تي به هئي ۽ پوءِ به هلندي رهي، ثابتين سان سامهون ايندو ته ڪهڙي طرح 2018 ۾ ڌانڌلي ڪئي ويئي، پي ٽي آءِ […]

ٻيهر رستن تي اچڻ لاءِ مجبور نه ڪريو: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ٻيهر رستن تي اچڻ تي مجبور نه ڪريو، هي ايوان انصاف نه ڏيندو، روڊن تي عوام جو احتجاج جمهوريت جو حصو آهي، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سان زيادتي ٿي، انهن تي گوليون هلايون ويون، قومي اسيمبليءَ اجلاس کي خطاب ڪندي بئريسٽر […]

ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي رهي آهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اعطم نذير تارڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي رهي آهي، وياج جي شرح 23 مان گهٽجي 15 سيڪڙو تي اچي وئي، وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ جو قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لاڳيتو تيزي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، […]

پاڪستان ۽ چين جون گڏيل فوجي مشقون ”واريئر8“ پڄاڻيءَ تي پهتيون

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ چين جون گڏيل مشقون ”واريئر8“ پڄاڻيءَ تي پهتيون. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب پاڪ-چين گڏيل جنگي مشقون 19 نومبر کان 11 ڊسمبر تائين جاري رهيون. دهشتگرديءَ جي انت واري شعبي ۾ ٽي هفتا ڊگھيون مشقون ”واريئر8“ سالياڻين مشقن جي سلسلي ۾ هي اٺين مشق آهي، […]

سنڌ سرڪار جو محفوظ شهرن جو منصوبو سنڌ جي اهم شهرن تائين وڌائڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار جو محفوظ شهرن جو منصوبو حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ميرپور خاص تائين وڌائڻ جو اعلان، سنڌ جي گهرو کاتي جي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته محفوظ شهرن جو منصوبو حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ميرپور خاص تائين وڌايو ويندو، جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ڄاڻ جي تڪڙي منتقلي ۽ ردعمل جو […]

قومي اسيمبلي جو اجلاس، مخالف ڌر ميمبرن جي غير موجودگيءَ تي ناراض

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيرن جي غير موجودگي تي حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبر ڪاوڙجي پيا، اسلم گهمڻ چيو ته حڪومتي فرنٽ سيٽون سموريون خالي آهن، ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه جو به وزيرن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار، سندس چوڻ هو ته ائين نه هلندو، ايوان ۾ هڪ […]

سپريم ڪورٽ ۾ فون ٽيپنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ فون ٽيپنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، فون ٽيپنگ جي حوالي سان 2013ع کان قانون موجود آهي، قانون ۾ فون ٽيپنگ جو طريقيڪار موجود آهي، عدالتي نگراني به قانون ۾ آهي: ايڊيشنل اٽارني جنرل جا دليل، قانون موجب فون ٽيپنگ لاءِ رڳو جج اجازت ڏئي سگهي ٿو، ڇا […]

سپريم ڪورٽ:  عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪيس ۾ 3 درخواستون پيروي نه ٿيڻ جي بنياد تي خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪيس ۾ 3 درخواستون پيروي نه ٿيڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏيون، درخواست گذار قيوم خان، محمود اختر نقوي ۽ ميان شبير عدالت ۾ پيش نه ٿيا، ٽنهي درخواست گذارن عام چونڊن 2024ع ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف درخواستون داخل ڪيون هيون.

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.