تازہ ترین

سپريم ڪورٽ ۾ فون ٽيپنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ فون ٽيپنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، فون ٽيپنگ جي حوالي سان 2013ع کان قانون موجود آهي، قانون ۾ فون ٽيپنگ جو طريقيڪار موجود آهي، عدالتي نگراني به قانون ۾ آهي: ايڊيشنل اٽارني جنرل جا دليل، قانون موجب فون ٽيپنگ لاءِ رڳو جج اجازت ڏئي سگهي ٿو، ڇا ڪنهن جج کي ان مقصد لاءِ نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي، قانون هر ڪنهن کي هر فون ٽيپنگ جي اجازت نٿو ڏئي: جسٽس محمد علي مظهر جا رمارڪس، اسان کي رپورٽس يا قانون ۾ دلچسپي ناهي، نتيجا گهرجن: جسٽس امين الدين خان، هي معاملو چيف جسٽس جي چيمبر کان شروع ٿيو، چيف جسٽس ڪيڏانهن ويندو: جسٽس جمال مندوخيل جا رمارڪس، عدالت ڪيس تي ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.