اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪيس ۾ 3 درخواستون پيروي نه ٿيڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏيون، درخواست گذار قيوم خان، محمود اختر نقوي ۽ ميان شبير عدالت ۾ پيش نه ٿيا، ٽنهي درخواست گذارن عام چونڊن 2024ع ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف درخواستون داخل ڪيون هيون.