اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيرن جي غير موجودگي تي حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبر ڪاوڙجي پيا، اسلم گهمڻ چيو ته حڪومتي فرنٽ سيٽون سموريون خالي آهن، ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه جو به وزيرن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار، سندس چوڻ هو ته ائين نه هلندو، ايوان ۾ هڪ به وزير نه آهي، هو وزيراعظم کي وزيرن جي غير حاضري تي لکندا.