اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي اقتدار ۾ آڻيندڙن ۾ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد سرفهرست هو، ٻنهي پارٽنرشپ 9 مئي تي به هئي ۽ پوءِ به هلندي رهي، ثابتين سان سامهون ايندو ته ڪهڙي طرح 2018 ۾ ڌانڌلي ڪئي ويئي، پي ٽي آءِ جي اقتداري دور ۾ گهڻن سويلين جو ملٽري ٽرائل ٿيو، پي ٽي آءِ باني جي ملٽري ٽرائل بابت قانون فيصلو ڪندو.