اسلام آباد (ويب ديسڪ) قومي اسيمبلي ميمبر شازيه عطا مريءَ چيو آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي سنڌ جي هاءِ ويز سان خاص دشمني آهي، سنڌ جي هاءِ ويز تي رحم ڪيو وڃي، سنڌ هر طرح سان پاڪستان جي ترقي ۾ حصو ڳنڍي رهي آهي، پ پ اڳواڻ شازيه عطا مري قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ت بجلي پيداوار، پهچ ۽ ورڇ بابت رپورٽ اکين کولڻ لاءِ ڪافي آهي، نااهلي ادارن جي ۽ ڀوڳڻو عوام کي پئجي رهيو آهي، اهڙي ڪميشن ٺاهي وڃي جيڪا معاملي جي جاچ ڪري.