ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين مولانا طاهر اشرفيءَ چيو آهي ته مدرسن جا چوڪيدار آهيون، دنيا جي ڪا به طاقت مدرسن جو نصاب تبديل نه ٿي ڪري سگهي، ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن ۽ نصاب جي حوالي سان واويلا اجائي آهي، مدرسن جي رجسٽريشن واري نظام ۾ ون ونڊو آپريشن ٿيندو، ديني مدرسا پاڪستان ۾ هڪ قوت ۽ طاقت آهن، تعليم واري وزارت سان مدرسن کي ڳنڍيو وڃي.مولان طاهر اشرفيءَ جو چوڻ هو ته ڪنهن سان به جهيڙو ناهي، سڀني جو احترام ڪندا آهيون، ملڪ جي لکين کٿابين جي مستقبل سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين.