اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سني اتحاد ڪائونسل جي ايم اين اي عادل بازئي بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻيءَ دوران سپريم ڪورٽ جي جسٽس عائشه ملڪ جو پڇاڻو ڪيو ته عادل بازئي ڪيس جي ۾ حقيقتون جاچڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ڪهڙي انڪوائري ڪئي؟ ان موقعي تي جسٽس عقيل عباس رمارڪس ڏيندي چيو ته وڏي صاحب جو خط اچي ويو ته ماڻهو کي ڊي سيٽ ڪري ڇڏيو، اهو نٿو ٿي سگهي. جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ تڪ جي عوام کي ڊس فرنچائز ڪرڻ جو پئمانو ته سخت هجڻ گهرجي.