راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ چين جون گڏيل مشقون ”واريئر8“ پڄاڻيءَ تي پهتيون. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب پاڪ-چين گڏيل جنگي مشقون 19 نومبر کان 11 ڊسمبر تائين جاري رهيون. دهشتگرديءَ جي انت واري شعبي ۾ ٽي هفتا ڊگھيون مشقون ”واريئر8“ سالياڻين مشقن جي سلسلي ۾ هي اٺين مشق آهي، وزيٽرز ڊي تقريب دوران شريڪ ٿيندڙن تله فيلڊ فائرنگ رينج جو دورو ڪيو، تقريب ۾ ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ليفٽينينٽ جنرل شاهد امتياز خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير ۽ ٻين چيني مهمان به تقريب ۾ شريڪ ٿيا. تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙن مشقن دوران دستن جي پيشيوراڻي مهارت ۽ تربيت جي بلند معيار جي واکاڻ ڪئي.