تازہ ترین

December 9, 2024

Year : 2025

شام جي اڳوڻي صدر بشار الاسد روس ۾ سياسي پناهه وٺي ڇڏي

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) شام جي اڳوڻي صدر بشار الاسد روس ۾ سياسي پناهه وٺي ڇڏي، روسي ميڊيا موجب بشار الاسد ۽ سندس گهرڀاتي ماسڪو ۾ موجود آهن، روس انساني همدردي جي بنياد تي بشار الاسد کي پناهه ڏني آهي، روسي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته شام ۾ روسي فوجي اڏا هاءِ الرٽ آهن.

شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت جو خاتمو اچي چڪو آهي: جو بائيڊن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت جو خاتمو اچي چڪو آهي، خبر ناهي ته اڳوڻو صدر ڪٿي آهي؟ ٻڌو آهي ته هو ماسڪو ۾ آهي، کيس جواب ڏيڻو پوندو، وائيٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي آمريڪن صدر جوبائيڊن چيو آهي ته اقتدار جي منتقلي لاءِ شامي […]

اسرائيلي فوج شام جي شهر قنيطره ۾ داخل

قنيطره (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج شام جي شهر قنيطره ۾ داخل ٿي وئي، والاريل گولان سامهون بفرزون ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته شامي فوج پوزيشن ڇڏي ڏني هئي، جنهن ڪري سندن فوج ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، اسرائيل ڪنهن دشمن قوت کي پنهنجي سرحدن تي مضبوط […]

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جھيڙي ۽ ڦر دوران 2 ڄڻا قتل، 5 ڄڻا زخمي

مورو (ويب ڊيسڪ) موري ۾ سولنگي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، گچيرو روڊ تي جھيڙي دوران فائرنگ ۾ بلاول سولنگي مارجي ويو، گوليون لڳڻ سبب اظھر، نويد، رشيد ۽ مير سولنگي زخمي ٿي پيا، دوداپور ويجهو مبينا طور ڦر دوران […]

اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل، سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر عادل بازئي جي ميمبرشپ بحال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل، سني اتحاد ڪائونسل جي قومي اسيمبلي جي ميمبر عادل بازئي جي ميمبرشپ بحال، سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ عادل بازئي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت عادل بازئي کي ڊي سيٽ ڪرڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو 21 نومبر […]

وفاق پاران پي ٽي آءِ باني خلاف سنگين ڪيسن ۾ سخت قانوني ڪارروائي جو اصولي فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار پي ٽي آءِ باني خلاف سنگين ڪيسن ۾ وڏي پئماني تي سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو، وفاقي گهرو وزير کي ٽاسڪ ڏنو ويو، حتمي اعلان ڪابينا جي اجلاس ۾ منظوري کان پوءِ ڪيو ويندو، ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ تحت […]

فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل روڪڻ بابت درخواست خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل روڪڻ بابت درخواست خارج، سپريم ڪورٽ 26هين آئيني ترميم جي درخواستن جي فيصلي تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي، عدالت جواد ايس خواجا تي 20 ھزار رپيا ڏنڊ هڻي ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي 7 رڪني آئيني بينچ ڪئي، آئيني ترميم […]

بدعنواني ڪڌو چئلينج، عوام ڪرپشن جي خاتمي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏئي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بدعنواني ڪڌو چئلينج آهي، عوام ڪرپشن جي خاتمي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏئي، وزيراعظم شهباز شريف ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي پيغام ۾ چيو آهي ته عوام شفاف ۽ جوابده سماج قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، بدعنواني ڪنهن به ملڪ جي معيشت ۽ سماجي ڍانچي لاءِ ڪڌو […]

پ پ جي قومي معاملن بابت ڪميٽي اڄ حڪومتي ڪميٽي سان ملاقات ڪندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي قومي معاملن بابت ڪميٽي اڄ حڪومتي ڪميٽي سان ملاقات ڪندي، پيپلزپارٽي جي چيئرمين جي صدارت هيٺ پارٽي جي قومي معاملن بابت جوڙيل ڪميٽي جي ورچوئل اجلاس ۾ فيصلو، اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي قومي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن اهم ملڪي معاملن تي غور ڪيو.

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.