واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت جو خاتمو اچي چڪو آهي، خبر ناهي ته اڳوڻو صدر ڪٿي آهي؟ ٻڌو آهي ته هو ماسڪو ۾ آهي، کيس جواب ڏيڻو پوندو، وائيٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي آمريڪن صدر جوبائيڊن چيو آهي ته اقتدار جي منتقلي لاءِ شامي گروپن سان گڏجي ڪم ڪنداسين، هو شام جي پاڙيسرين جي حمايت ڪندا، باغين جي قول ۽ فعل جو جائزو ورتو ويندو، شام ۾ خطري ۽ غير يقيني واري صورتحال آهي.