اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بدعنواني ڪڌو چئلينج آهي، عوام ڪرپشن جي خاتمي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏئي، وزيراعظم شهباز شريف ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي پيغام ۾ چيو آهي ته عوام شفاف ۽ جوابده سماج قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، بدعنواني ڪنهن به ملڪ جي معيشت ۽ سماجي ڍانچي لاءِ ڪڌو چئلينج آهي،ڪرپشن اهو قومن کي سندن صلاحيتن کان محروم ڪري ڇڏيندي آهي.