تازہ ترین

فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل روڪڻ بابت درخواست خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل روڪڻ بابت درخواست خارج، سپريم ڪورٽ 26هين آئيني ترميم جي درخواستن جي فيصلي تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي، عدالت جواد ايس خواجا تي 20 ھزار رپيا ڏنڊ هڻي ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي 7 رڪني آئيني بينچ ڪئي، آئيني ترميم جي درخواستن جو فيصلو ٿيڻ تائين فوجي عدالتن جو ڪيس نه ٻڌو وڃي، وڪيل جواد ايس خواجا جي استدعا، جسٽس محمد علي مظهر جواد ايس خواجا کي مخاطب ٿيندي چيو ته هر ٻڌڻي تي اوهان جي درخواستگذار جي ڪا درخواست اچي ٿي، ڪيترا ماڻهو جيل ۾ آهن، توهان جي ڪري فيصلي ۾ دير ٿي رهي آهي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اوهان جو پيارو حراست ۾ ناهي، ان ڪري دير چاهيو ٿا، جيڪڏهن عدالت جي اختيارن جو دائرو نٿا مڃو ته هِتان هليا وڃو، سپريم ڪورٽ آئيني ترميم تحت ئي ڪم ڪري رهي آهي، آئيني ترميم جو ڪيس به ترميم تحت قائم ٿيندڙ بينچ ئي ٻڌندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.