مورو (ويب ڊيسڪ) موري ۾ سولنگي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، گچيرو روڊ تي جھيڙي دوران فائرنگ ۾ بلاول سولنگي مارجي ويو، گوليون لڳڻ سبب اظھر، نويد، رشيد ۽ مير سولنگي زخمي ٿي پيا، دوداپور ويجهو مبينا طور ڦر دوران مزاحمت تي هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي، بُڪيجا لاڙو وٽ هٿياربندن موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي رزاق چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو، پرويز چانڊيو زخمي.