تازہ ترین

Dharti TV News

قومي سيمبليءَ ۾ وفاقي وزيرن جي ايوان ۾ غير موجودگيءَ جو وزيراعظم پاران نوٽيس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران وفاقي وزيرن جي غير حاضريءَ جو نوٽيس وٺندي کين ايوان جي ڪارروائيءَ ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزيرن جي ايوان ۾ غير حاضريءَ جو نوٽيس وٺندي سمورن غير حاضر ۽ حاضر وفاقي وزيرن کي خط لکيو جنهن […]

نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي شعبي ۾ موقعا فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا: وڏو وزير

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته تعليم جي شعبي ۾ ترقي لاءِ خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون، نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ موقعا فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته  آءِ بي اي سکر ۾ انفرا اسٽڪچر […]

مدرسن جي رجسٽريشن ۾ حڪومت پاڻ وڏي رنڊڪ آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فصل الرحمان چيو آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن ۾ حڪومت پاڻ سڀ کان وڏي رنڊڪ بڻيل آهي، قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 26 هين آئيني ترميم اتفاق راءِ سان پاس ٿي، ڪوشش اها آهي ته […]

ملڪ جو نظام هلائڻ جي لاءِ آئين تي هلڻو پوندو: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ملڪ جو نظام هلائڻ جي لاءِ آئين تي هلڻو پوندو، قانونسازي جو عمل صدر جي صحيح سان مڪمل ٿيندو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي، صدر […]

تحريڪ انصاف سول نافرماني جي سڏ تي ورهائجي وئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سول نافرماني جي سڏ تي ورهائجي وئي، علي امين گنڊاپور چيو ته سول نافرماني جي حوالي سان اڄ باني کي ٻڌائڻو هو پر صورتحال اڃا تائين واضح ناهي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سول نافرماني جي تحريڪ پي ٽي آءِ باني ڏني، اهو ئي واپس وٺي […]

پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جي ڪاررواين دوران 16 خارجي دهشتگرد گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جي ڪاررواين دوران 16 خارجي دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا، سي ٽي ڊي لاهور، بهاولپور، منڊي بهاءَ الدين سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 16 خارجي دهشتگرد گرفتار ڪري ورتا، گرفتار ٿيل خارجي دهشتگردن وٽان ڌماڪيدار مادو ۽ آءِ اِي ڊي بم هٿ ڪيو ويو.

يونان ٻيڙي حادثي ۾ 4 پاڪستاني فوت، جڏهن ته ڪيترائي گم آهن: پاڪستاني سفير

ايٿينز (ويب ڊيسڪ) يونان ۾ مقرر پاڪستان سفير عامر آفتاب يونان ٻيڙي حادثي ۾ 4 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته ڪيترائي پاڪستاني شهري اڃا تائين گُم آهن، گم ٿيل پاڪستانين ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي. يونان ۾ پاڪستاني سفير عامر آفتاب قريشي جي پريس ڪانفرنس چيو ته حادثي واري […]

شانگلا: چڪيسر ۾ دهشتگردن جو پوليس چوڪي تي حملو، 2  اهلڪار شهيد، 4 زخمي

شانگلا (ويب ڊيسڪ) شانگلا جي چڪيسر واري علائقي ۾ دهشتگردن جو پوليس چوڪي تي حملو، ٻه اهلڪار شهيد، 4 زخمي ٿي پيا، علائقي ۾ سرچ آپريشن هلندڙ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي اهلڪارن جي شهادت تي مذمت، شهيد پوليس اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪيائين، زخمين جي بهتر علاج جون هدايتون جاري، محسن نقوي چيو […]

پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ ڀيرو تيزي، 100 انڊيڪس 8 سئو پوائنٽون ٽپي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي نظر آئي ، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات ۾ هڪ لک 17 پوائنٽس جي اوچائي تي پهچي ويو، هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 8 سئو کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.

ديني مدرسن واري بل جو جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي: اتحاد تنظيم المدارس جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اتحاد تنظيم المدارس جي اجلاس ۾ مطالبو ڪيو آهي ته پارليامينٽ مان منظور ديني مدرسن واري بل جو جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان غير آئيني يا غيرقانوني مطالبو نه ڪري رهيا آهيون، مدرسن واري بل جي پارليامينٽ منظوري ڏئي چڪي، هاڻي […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.