تازہ ترین

Dharti TV News

اسان 30 هزار شاگردن کي ميرٽ تي اسڪالرشپ ڏني: مريم نواز

ڊيرا غازي خان (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پاران هوشيار شاگردن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ پنجاب جو چوڻ هو ته اسان 30 هزار شاگردن کي ميرٽ تي اسڪالرشپ ڏني آهي، اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ شاگردن کي واڌايون ڏيان ٿي. شاگردن کي تعليم سان گڏ ٽيڪنالاجي […]

صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري طرفان حيدرآباد نارا جيل جو اوچتو دورو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري طرفان حيدرآباد نارا جيل جو اوچتو دورو ڪيو ويو، جيل کاتي جي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ڊيوٽي تي موجود پوليس آفيسرن ۽ قيدين سان ملاقات ڪري کانئن مسئلا معلوم ڪيا، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري قيدين سان ملاقات لاءِ آيل وارثن سان به […]

ڪشمور لڳ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽي قتل جا اطلاع، لاش نه مليا

ڪشمور (ويب ڊيسڪ) ڪشمور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ جا اطلاع، لاش هٿ نه آيا، ذريعن موجب مختياران ڪوش ۽ لياقت سولنگي کي ڪارو ڪاري الزام هيٺ قتل ڪرڻ جا اطلاع، اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهتي جتي پوليس جو چوڻ هو ته واقعو ڳوٺ دادن ڪوش ۾ پيش آيو، […]

ڇويهه نومبر احتجاج، بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ پهرين فيبري تائين واڌ

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني جي گھر واري بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ پهرين فيبري تائين واڌ، دهشتگردي ٽوڙ جي عدالت ۾ 26 نومبر احتجاج ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻيءَ دوران بشري بي بي اڊيالا جيل ۾ قيد هجڻ سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهي، اي ٽي سي جي […]

سياسي پارٽين ۾ ڳالهيون سٺو عمل، پي ٽي آءِباني ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ورتي: شرجيل انعام

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سياسي پارٽين ۾ ڳالهيون، سٺو عمل آهي، پي ٽي آءِباني ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ورتي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين جي حلف برداريءَ جي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ جوچوڻ هو ته  پي ٽي آءِباني پاڻ کان […]

آسٽريليا کان بدترين شڪست، ڀارتي بورڊ رانديگرن لاءِ نئين گائيڊ لائينز جاري ڪري ڇڏي

ممبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ گواسڪر ٽرافي ۾ آسٽريليا کان بدترين شڪست جي ڪري ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ مان ٻاهر ٿيندڙ ڀارتي ٽيم جي لاءِ نئين گائيڊ لائينز جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڀارتي ميڊيا موجب ڪرڪيٽ بورڊ جي تازي 10 نقاتي گائيڊ لائينز انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ کان لاڳو ٿينديون. ڀارتي بورڊ انڊيا […]

ڪبريٰ خان پنهنجي شاديءَ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ڪبريٰ خان فيبروريءَ ۾ پنهنجي شادي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد بابا سوشل ميڊيا تي گذريل ڪيتري عرصي کان خبرون هلندڙ آهن، ٻئي تمام جلد شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ وارا آهن، ڪجھه ڏينهن اڳ گوهر رشيد هڪ وڊيو انسٽاگرام تي شيئر ڪئي […]

ڪيس مقرر نه ڪرڻ تي ايڊيشنل جڊيشل رجسٽرار کي توهين عدالت نوٽيس جاري

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ آئيني ۽ ريگيولير بينچز جي اختيارن بابت ڪيس مقرر نه ڪرڻ تي ايڊيشنل جوڊيشل رجسٽرار کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري، ڪيس مقرر نه ڪرڻ جو ڪارڻ پڇڻ تي ڊپٽي رجسٽرار ٻڌايو ته ججز ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 27 جنوري تي ڪيس ٻڌڻي لاءِ […]

سمجھه ۾ نٿو اچي ته 3 ذهنن جي مقابلي هڪ چيف جسٽس ڪيئن ٿو بهتر ٿي سگھي: جسٽس عائشه

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه حيرت مان پڇيو ته مونکي پتو ئي نه پيو، آئون پاڻ به ججز ڪميٽي جو ميمبر آهيان، ڪميٽِي وٽ اهڙو ڪو به اختيار ناهي ته هو ڪيس ئي نه لڳائي، هي ڪيس اسان جي عدالت ۾ رکڻ کان سواءِ ڪنهن ٻي […]

وڏي وزير جو سردار شاهه سان گڏ ڪورنگي ۾ اسڪول جو دورو، حاضري چيڪ ڪئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو صوبائي وزير تعليم سردار شاهه سان گڏ ڪورنگي ۾ اسڪول جو دورو، وڏي وزير مراد علي شاهه اسڪول ۾ استادن جِي حاضري چيڪ ڪئي، وڏي وزير مرادعلي شاهه چيو ته تعليمي ادارن ۾ انتظامن جو معائنو ڪندو رهندس، ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جَي […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.