حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري طرفان حيدرآباد نارا جيل جو اوچتو دورو ڪيو ويو، جيل کاتي جي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ڊيوٽي تي موجود پوليس آفيسرن ۽ قيدين سان ملاقات ڪري کانئن مسئلا معلوم ڪيا، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري قيدين سان ملاقات لاءِ آيل وارثن سان به ملاقات ڪئي ۽ مسئلا معلوم ڪيا، سنڌ جي جيل کاتي واري وزير حاجي علي حسن زرداري جو چوڻ هوته قيدين جي کاڌي پيتي ۽ انهن جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.