تازہ ترین

اسان 30 هزار شاگردن کي ميرٽ تي اسڪالرشپ ڏني: مريم نواز

ڊيرا غازي خان (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پاران هوشيار شاگردن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ پنجاب جو چوڻ هو ته اسان 30 هزار شاگردن کي ميرٽ تي اسڪالرشپ ڏني آهي، اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ شاگردن کي واڌايون ڏيان ٿي. شاگردن کي تعليم سان گڏ ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي، مخالفن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته پنجاب ترقي ڪيئن پيو ڪري. مريم نواز چيو ته پاڪستان جي 65 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، مان نوجوانن جي بهتري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهيان، شاگردن کي مفت ۾ اليڪٽرڪ بائيڪس ڏنيون وينديون.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.