تازہ ترین

آسٽريليا کان بدترين شڪست، ڀارتي بورڊ رانديگرن لاءِ نئين گائيڊ لائينز جاري ڪري ڇڏي

ممبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ گواسڪر ٽرافي ۾ آسٽريليا کان بدترين شڪست جي ڪري ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ مان ٻاهر ٿيندڙ ڀارتي ٽيم جي لاءِ نئين گائيڊ لائينز جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڀارتي ميڊيا موجب ڪرڪيٽ بورڊ جي تازي 10 نقاتي گائيڊ لائينز انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ کان لاڳو ٿينديون. ڀارتي بورڊ انڊيا انگلينڊ وائيٽ بال سيريز کان اڳ سمورين رياستن جي ڪرڪيٽ ايسوسي ايشنز کي به نين گائيڊ لائينن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ پهريون ٽي ٽوئنٽي ميچ 22 جنوريءَ تي ڪلڪتي ۾ کيڏيو ويندو. ميڊيا موجب ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن آف بنگال کي ٻڌايو ويو آهي ته ٽيم جي ڪنهن به ميمبر جي لاءِ الڳ گاڏي جو انتظام نه ڪيو ويندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.