حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سياسي پارٽين ۾ ڳالهيون، سٺو عمل آهي، پي ٽي آءِباني ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ورتي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين جي حلف برداريءَ جي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ جوچوڻ هو ته پي ٽي آءِباني پاڻ کان سواءِ ٻين سڀني کي چور سمجهندو آهي، 9مئي تي پوري ملڪ ۾ رڳو گرفتاري تي مظاهرا ڪيا ويا، پي ٽي آءِ باني کي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ 14 سال سزا ملي، پي ٽي آءِ باني کي سزا ملي ته ڪو به ماڻهو ٻاهر نه نڪتو، پي ٽي آءِ باني بي آر ٽي پشاور منصوبي جي جاچ ٿيڻ به نه ڏني، پي ٽي آءِ جي دور ۾ بي آرٽي ۾ 7 ارب جي ڪڪ بيڪس ورتي وئي. وفاق کي گذارش آهي ته سکر حيدرآباد روڊ کي ٺهرايو وڃي، سکر حيدرآباد روڊ ٺهڻ سان حادثن ۾ گهٽتائي ايندي، ايماندار ڪپتان فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اسٽي آرڊر ورتو. سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ حيدرآباد ۾ اسپتال ٺاهڻ جو اعلان پڻ ڪيون، سندس چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ جديد اسپتال ٺهرائينداسين، ڪئنال ٺاهڻ واري معاملي تي پيپلزپارٽي جو واضح موقف آهي، منظوري کان سواءِ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جو ڪم شروع نه ٿيندو، وزيراعظم کي گهرجي ته ان معاملي تي سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي. هن چيو ته حيدرآباد سکر موٽر وي ٺهرائڻ جي ذميواري وفاق جي آهي، حيدرآباد سکر موٽر وي نه ٺهرائڻ پوري ملڪ جي عوام سان زيادتي آهي، حيدرآباد ۾ به بي آر ٽي منصوبي تي غور ڪري رهيا آهيون. اسان سڀ گڏجي ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍنداسين، صحت جي شعبي ۾ بهتري حڪومت جي پهرين اوليت آهي، سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ اهم قدم کنيا آهن، هن چيو ته حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پنهنجو ٻيو گھر سمجھندو آهيان، رجسٽرڊ صحافين جي هيلٿ انشورنس لاءِ ڪوشش ڪنداسين، سنڌ جي اسپتالن ۾ صحافين کي سفارش جي ضرورت نه پوندي، آزاد صحافت جو مقصد رڳو جمهوري پارٽي ئي سمجهي سگهي ٿي، بيمار شخص ئي سمجهي سگهي ٿو ته موٽر وي اهم آهي يا اسپتال، هن چيو ته اظهار جي آزاديءَکان سواءِ معاشرو اڳتي وڌي نه ٿو سگهي، ماضي ۾ صحافين تي پابندي لڳي، جيلن ۾ به بند ڪيو ويو، سنڌ حڪومت هميشه صحافين جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي. پيپلزپارٽي هميشه صحافين جا مسئلا حل ڪيا آهن. ملڪ ۾ آزاد صحافت کي هٿي ملڻ گهرجي، ملڪ ۾ آزاد صحافت کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، پيپلزپارٽي خلاف باقاعده مهم هلائي ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو. شرجيل انعام چيو ته مختلف ادارن جي صحافين سان زيادتيون ٿيون آهن، شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري به صحافين جي سهائتا ڪئي. صحافين آمرن جي دور ۾ سياسي پارٽين سان گڏجي جدوجهد ڪئي. ملڪ ۾ رڳو پيپلزپارٽي صحافين لاءِ قدم کنيا آهن.