ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ڪبريٰ خان فيبروريءَ ۾ پنهنجي شادي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد بابا سوشل ميڊيا تي گذريل ڪيتري عرصي کان خبرون هلندڙ آهن، ٻئي تمام جلد شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ وارا آهن، ڪجھه ڏينهن اڳ گوهر رشيد هڪ وڊيو انسٽاگرام تي شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ ڪيتريون ئي مشهور شوبز شخصيتون موجود هيون جڏهن ته اداڪار ان پوست ۾ ”منهنجي يار جي شادي“ جو هيش ٽيگ استعمال ڪيو هو، هاڻ هڪ تقريب جي موقعي تي ڪبريٰ خان کان ان شاديءَ بابت پچيو ويو، اداڪارا چيو ته مان فيبريءَ ۾ شادي ڪري رهي آهيان.