اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه حيرت مان پڇيو ته مونکي پتو ئي نه پيو، آئون پاڻ به ججز ڪميٽي جو ميمبر آهيان، ڪميٽِي وٽ اهڙو ڪو به اختيار ناهي ته هو ڪيس ئي نه لڳائي، هي ڪيس اسان جي عدالت ۾ رکڻ کان سواءِ ڪنهن ٻي عدالت ۾ ناهي رکيو ويو، پورو ڪيس ئي غائب ڪيو ويو آهي، جسٽس عائشه ملڪ چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ٻن يا ٽن ذهنن جي مقابلي ۾ هڪ چيف جسٽس ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿو، جسٽس منصور علي شاهه ڊپٽي رجسٽرار کي چيو ته اسان کي ڪيسز جي تبديلي جا تفصيل ٻڌايو، ججز ڪميٽي جي ميٽنگ جا منٽس به کڻي اچو، عدالت حڪمنامي ۾چيو ته ڪيس 20 جنوري تي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، ججز ڪميٽي جوڊيشل آرڊر کي نظرانداز ڪيو، ايڊيشنل رجسٽرار کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي وضاحت ڏيڻ جي هدايت، حڪمنامي موجب، سڀاڻي ڪيس جي ٻڌڻي پهرين نمبر تي ڪنداسين.