ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو صوبائي وزير تعليم سردار شاهه سان گڏ ڪورنگي ۾ اسڪول جو دورو، وڏي وزير مراد علي شاهه اسڪول ۾ استادن جِي حاضري چيڪ ڪئي، وڏي وزير مرادعلي شاهه چيو ته تعليمي ادارن ۾ انتظامن جو معائنو ڪندو رهندس، ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جَي معاملن جو به جائزو وٺندو رهندس، سنڌ حڪومت تعليم جِي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، تعليمي ادارن جا نتيجا مثبت اچڻ گهُرجن.