تازہ ترین

Dharti TV News

عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو محفوظ فيصلو ٿوري دير ۾ ٻڌايو ويندو

راولپنڊي (نيشل ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٿوري دير ۾ ٻڌايو ويندو، عدالتي عملي پي ٽي آءِ باني جي وڪيلن کي آگاهه ڪري ڇڏيو، اڍيالا جيل ۾ قائم خاص عدالت ساڍي 11هين وڳي فيصلو ٻڌائيندي، سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت، 18 ڊسمبر […]

خيبرپختونخوا ۾ فورسز جي آپريشن دوران 22 خارجي مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ فورسز جو آپريشن دوران 22 خارجي مارجي ويا، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، آءِ ايس پي آر موجب  14ڊسمبر کان هن وقت تائين 22 خارجين کي ماريو ويو آهي، امن امان جي بحالي […]

گمبٽ ڀرسان نوجوان ناري مڱيندي هٿان ڪارنهن الزام هيٺ قتل

گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. ڳوٺ غلام فاريد ناريجو ۾ جوابدار ناري سويرا ناريجو تي ڪارنهن جي تهمت مڙهي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ناري کي سندس مڱيندي مجيب ناريجو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو. جوابدار فرار ٿي ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي […]

وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ليپ ٽاپ اسڪيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

فيصل آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ليپ ٽاپ اسڪيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، فيصل آباد ۾ شاگردن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جو چوڻ هو ته  شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان پيار ملڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، ڪوهيڙي جي باوجود ٻارڙن سان ملڻ لاءِ فيصل […]

شهدادڪوٽ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن قتل

شهدادڪوٽ (ويب ڊيسڪ) شهدادڪوٽ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن قتل، شهدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد علڻ شاهه جي علائقي ڀرسان هٿياربندن پيرسن تي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ پيرسن حسين بخش کوسو مارجي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي پيرسن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو.

حڪومت پي ٽي آءِ جي مطالبن جو 7 ڏينهن ۾ جواب ڏيندي: سينيٽر عرفان صديقي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين دور ختم ٿيڻ کان پوءِ حڪومي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر عرفان صديقيءَ اميد ظاهر ڪئي آهي ته هاڻي صورتحال بهتر ٿي ويندي. اسلام آباد جي پارليامينٽ هائوس ۾ ڳالهين کان پوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق ۽ سينيٽر […]

پختون خوا: لوئر ڪُرم ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ قافلي تي حملو

خيبرپختون خوا (نيشنل ڊيسڪ) پختون خوا جي ضلعي ڪُرم جي علائقي بگن ۾ پاران چنار امدادي سامان کڻي ويندڙ گاڏين جي قافلي تي فائرنگ ڪئي وئي، هنگو جي اسسٽنٽ ڪمشنر سعيد منان ٽل کان پارا چنار امدادي سامان کڻي ويندڙ 35 گاڏين تي ٻڌل ڪافلي تي حملي جي تصديق ڪئي. اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ هو […]

ويسٽ انڊيز خلاف هوم سيريز تمام اهم آهي: شان مسعود

ملتان (اسپورٽس ڊيسڪ) ملڪي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته وڌيڪ ٽيسٽ ميچون کيڏڻ چاهيون ٿا، فارميٽ مختلف آهي، ٽيسٽ ميچن ۾ وقفي جي ڪري مختلف چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شان مسعود چيو ته ويسٽ انڊيز خلاف سيريز تمام اهم آهي، بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ […]

آرمي چيف سان ملاقات خوشي جي ڳالهه، عمران خان آرمي چيف سان ملاقات جي تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) باني پي ٽي آءِ عمران خان پارٽي چيئرمين بئريسر گوهر جي آرمي چيف سان ملاقات جي تصديق ڪري ڇڏي، اڊيالا جيل جي عدالتي ڪمري ۾ باني پي ٽي آءِ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻول ڪئي، جنهن ۾ صحافين کانئس بئريسٽر گوهر ۽ آرمي چيف جي ملاقات بابت پڇا ڪئي جنهن […]

تحريڪ انصاف باضابطه طور لکت ۾ مطالبا پيش ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باضابطه طور لکت ۾ مطالبا پيش ڪري ڇڏيا، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، پي ٽي آءِ حڪومتي ڪميٽي آڏو لکت ۾ ٽن صفحن تي ٻڌل 2 مطالبا پيش ڪيا، پي ٽي […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.