اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) باني پي ٽي آءِ عمران خان پارٽي چيئرمين بئريسر گوهر جي آرمي چيف سان ملاقات جي تصديق ڪري ڇڏي، اڊيالا جيل جي عدالتي ڪمري ۾ باني پي ٽي آءِ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻول ڪئي، جنهن ۾ صحافين کانئس بئريسٽر گوهر ۽ آرمي چيف جي ملاقات بابت پڇا ڪئي جنهن تي هن ٻڏتر جو شڪار ٿيندي چيو ته مون کي تفصيلن جي خبر ناهي، پر آرمي چيف سان ملاقات خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جيڪڏهن ڪا ڳالهه ٻولهه شروع ٿي آهي ته اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي. هي پاڪستان جي لاءِ سٺو عمل آهي. اسان چاهيون ٿا ته ڳالهيون ٿين، ان ۾ پاڪستان جي مضبوطيءَ جي ڳالهه ٿيندي. عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي اسان سان ڳالهائڻ گھرجي، مون ڪڏهن ناهي چيو ته ڳالهيون بند آهن، هميشه ڳالهين جو چيو آهي، ٻئي طرف کان دروازا بند هئا، هاڻي جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه شروع ٿي آهي ته اهو پاڪستاني استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئي طرف بئريسٽر گوهر به خبر جي تصديق ڪندي چيو ته منهنجي ۽ علي امين گنڊاپور جي آرمي چيف سان ملاقات نويڪلائيءَ ۾ ٿي آهي، آرمي چيف جي سامهون پي ٽي آءِ جا سمورا معاملا ۽ مطالبا رکيا آهن، پنهنجا سمورا مسئلا آرمي چيف جي سامهون رکيا آهن. هن چيو ته آرمي چيف سان ملاقات ۾ ملڪي استحڪام بابت سمورن معاملن تي ڳالهه ٻول ٿي، ملاقات ۾ ٻئي طرف کان به هاڪاري جواب مليو آهي. اسٽيبلشمينٽ سان سڌيون سنيون ڳالهيون خوشيءَ جوڳيون آهن، اميد آهي ته هاڻ صورتحال بهتر ٿي ويندي.