ملتان (اسپورٽس ڊيسڪ) ملڪي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته وڌيڪ ٽيسٽ ميچون کيڏڻ چاهيون ٿا، فارميٽ مختلف آهي، ٽيسٽ ميچن ۾ وقفي جي ڪري مختلف چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شان مسعود چيو ته ويسٽ انڊيز خلاف سيريز تمام اهم آهي، بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ٽيسٽ ميچن ۾ ڪپتان طور ڪارڪردگيءَ بابت ڳالهائيندي شان مسعود جو چوڻ هو ته هر رانديگر جي ڪوشش هوندي آهي ته هو الڳ ۽ گڏيل طور بهتر ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، اسان ڪيتريون ئي ميچون ويجھو اچي هارايون آهن، اسان جي ٽيم کي اهڙيون ميچون کٽڻيون پونديون، ويسٽ انڊيز خلاف سڀاڻي ٿيندڙ ٽيسٽ ميچ جي ڪنديشنز بابت ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ٽيم کي ڏسندي فاسٽ ۽ اسپن بالرن جي چونڊ ڪئي ويندي. هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٽيمن جي لاءِ غور هيٺ نئين سسٽم (ٻه طبقاتي فارميٽ) بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪرڪيٽ جي بنيادي ڍانچي بابت فيصلو ڪرڻ پاليسي ٺاهڻ وارن جو ڪم آهي پر رانديگر طور اسان جي خواهش آهي ته وڌيڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏون، فارميٽ مختلف آهي، ٽيسٽ ميچن ۾ وقفي سبب مختلف چئلينجز ايندا آهن.