تازہ ترین

حڪومت پي ٽي آءِ جي مطالبن جو 7 ڏينهن ۾ جواب ڏيندي: سينيٽر عرفان صديقي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين دور ختم ٿيڻ کان پوءِ حڪومي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر عرفان صديقيءَ اميد ظاهر ڪئي آهي ته هاڻي صورتحال بهتر ٿي ويندي. اسلام آباد جي پارليامينٽ هائوس ۾ ڳالهين کان پوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق ۽ سينيٽر عرفان صديقي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ڳالهين بابت تفيل ڏيندي ٻڌايو ويو ته حڪومت 7 ڏينهن پي ٽي آءِ جي مطالبن جو باضابطه جواب ڏيندي. سينيٽر عرفان صديقي گڏيل پڌرائي پڙهي ٻڌائي ۽ چيو ته اڄ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور ٿيو، پي ٽي آءِ طرفان عمر ايوب، علي امين گنڊاپور، اسد قيصر، صاحبزاده حامد رضا، علامه ناصر عباس، سلمان اڪرم راجه ۽ حڪومت طرفان نائب وزيراعطم اسحاق ڊار، عرفان صديقي، رانا ثناءُ الله، راجه پرويز اشرف، نويد قمر، فاروق ستار، عبدالعليم خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.