راولپنڊي (نيشل ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٿوري دير ۾ ٻڌايو ويندو، عدالتي عملي پي ٽي آءِ باني جي وڪيلن کي آگاهه ڪري ڇڏيو، اڍيالا جيل ۾ قائم خاص عدالت ساڍي 11هين وڳي فيصلو ٻڌائيندي، سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت، 18 ڊسمبر 2024 تي محفوظ ڪيل فيصلو 3 ڀيرا ملتوي ڪيو ويو هو.