تازہ ترین

Dharti TV News

اختيارن جو ناجائز استعمال، ڪي ايم سي جي اڳوڻي ڊي جي ۽ ميونسپل ڪمشنر جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ جي ڪيس ۾ ڪي ايم سي جي اڳوڻي ڊي جي ۽ ميونسپل ڪمشنر جا گرفتاري وارنٽ جاري، اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن جي عدالت جوابدارن اظهر حسين شاهه ۽ شجاعت حسين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت جو جوابدارن کي 24 جنوري تي […]

اسرائيل جو والاريل اولهندي ڪناري ۾ فوجي آپريشن، 9 فلسطيني شهيد

غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا ۾ حملا رڪجندي ئي اسرائيل جو والاريل اولهندي ڪناري ۾ فوجي آپريشن، جنين شهر ۾ فائرنگ سبب 9 فلسطيني شهيد، 40 زخمي، اسرائيلي آبادڪارن جا اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين جي ملڪيتن تي حملا، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته هو جنين کي عسڪريت پسندن جو نئون ٺڪاڻو بڻجڻ نه […]

اسرائيلي فوجي سربراهه پاران حماس جا حملا روڪڻ ۾ ناڪامي تي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان

تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيلي فوج جي سربراهه حماس جا حملا روڪڻ ۾ ناڪامي تي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ليفٽيننٽ جنرل هرزي هلوي جو چوڻ آهي ته هو حماس جي 7 آڪٽوبر  2023ع جا حملا روڪڻ ۾ ناڪامي تي 6 مارچ تي عهدو ڇڏي ڏيندو، سندس ڪمانڊ ۾ اسرائيلي ڊفينس فورسز […]

ٽرمپ پاران مصنوعي ذهانت جي انفراسٽرڪچر ۾ 500 ارب ڊالرز سيڙپڪاري جو اعلان

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ٽرمپ پاران مصنوعي ذهانت جي انفراسٽرڪچر ۾ 500 ارب ڊالرز سيڙپڪاري جو اعلان، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهيون، چيائين آمريڪا ۾ ٽيڪ ڪمپنين جي سيڙپڪاري سان هڪ لک نيون نوڪريون پيدا ٿينديون، آمريڪا چين سميت ڪيترن ئي ملڪن سان مقابلي کي منهن ڏئي رهيو آهي، اي آءِ […]

مختلف حادثن ۾ عورت سميت 2 ڄڻا فوت، 10 ڄڻا زخمي

ڪوٽڙي (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڙيءَ ڀرسان ايم نائن موٽر وي تي حادثي جي نيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته 10 مسافر زخمي ٿي پيا، پشاور کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ ٽرالر سان ٽڪراجي وئي، حادثي ۾ ڪوچ ڊرائيور فوت ٿي ويو، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10مسافر زخمي ٿي پيا، حادثي بعد فوتي جو لاش […]

وزيراعظم جي صدارت هيٺ زرعي تربيت لاءِ چين ويندڙ شاگردن بابت جائزو اجلاس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صدارت هيٺ زرعي تربيت لاءِ چين ويندڙ شاگردن جي حوالي سان جائزو اجلاس ٿيو، سليڪشن جي معيار تي پورو لهندڙ شاگردن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪاميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي، ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته چين پاڪستان جو دوست ملڪ آهي، زرعي شعبي ۾ […]

سينيٽ اجلاس ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو پڙاڏو، سنڌين جو حق ناهي ته پاڻي گهرن: شيري رحمان

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سينيٽ اجلاس ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو پڙاڏو گونجي اٿيو، پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي ئي ناهي، 7 ملين ايڪڙ زمين ڪيئن زرخير بڻائيندئو، ڇا سنڌ جي ماڻهن جو حق ناهي ته اُهي پاڻي گهرن، ڪمرشل فارمنگ لاءِ پاڪستان کي وڌيڪ سوڪهڙي جو […]

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي روڊن لاءِ گھٽ رقم رکڻ تي وفاق خلاف ٺهراءُ منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ماتحت سنڌ جي روڊن لاءِ گهٽ رقم رکڻ ۽ وفاق پاران سنڌ کي موٽروي منصوبن ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف ٺهراءُ منظور، ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سنڌ ۾ ۾ روڊن لاءِ گهٽ رقم رکي رهي آهي، ايم نائن سان […]

اعظم نذير تارڙ، عليم خان جي بيان تي پ پ سينيٽرز کان معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، عليم خان جي بيان تي پ پ سينيٽرز کان معافي وٺي ڇڏي، سينيٽ جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي سينيٽرز جو وفاقي وزير عليم خان پاران تنقيد ڪرڻ تي پنهنجي سيٽن تان اٿي بيهي احتجاج، عليم خان چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ موٽر وي ڇو […]

بدامني پکيڙيندڙ بلوچستان جا به همدرد نه آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بدامني پکيڙيندڙ بلوچستان جا به همدرد نه آهن، قتلام ڪندڙ بلوچستان سان دشمني ڪري رهيا آهن، ملڪ دشمن نه ٿا چاهين ته گوادر ايئرپورٽ مڪمل فعال ٿئي، نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ فعال ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي نيو گوادر ايئرپورٽ فعال ٿيڻ سان ملڪي معيشت کي […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.