اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، عليم خان جي بيان تي پ پ سينيٽرز کان معافي وٺي ڇڏي، سينيٽ جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي سينيٽرز جو وفاقي وزير عليم خان پاران تنقيد ڪرڻ تي پنهنجي سيٽن تان اٿي بيهي احتجاج، عليم خان چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ موٽر وي ڇو نه ٺهيو؟، پيپلزپارٽي پنهنجي دور جو حساب ڏئي، هو به حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پ پ سينيٽرز چيوته پيپلزپارٽي حڪومت جو ساٿ ڏنو ۽ حڪومت حساب به ڏئي، پيپلزپارٽي کانسواءِ حڪومت نه ٿي هلي سگهي، قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته جيڪڏهن عليم خان جي بيان سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته هو معافي گهري ٿو.