اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سينيٽ اجلاس ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو پڙاڏو گونجي اٿيو، پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي ئي ناهي، 7 ملين ايڪڙ زمين ڪيئن زرخير بڻائيندئو، ڇا سنڌ جي ماڻهن جو حق ناهي ته اُهي پاڻي گهرن، ڪمرشل فارمنگ لاءِ پاڪستان کي وڌيڪ سوڪهڙي جو شڪار نٿو بڻائي سگهجي، ڪمرشل فارمنگ منصوبا تڪراري بڻجي چڪا آهن ته حڪومت خاموش ڇو آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ مشاورت بنا ڪو وڏو ڪم نٿو ڪري سگهجي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس هر ٽن مهينن ٿيڻو هوندو آهي پر ناهي ٿيو، سمورن مسئلن جي حل لاءِ سي سي آءِ فورم موجود آهي.