اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صدارت هيٺ زرعي تربيت لاءِ چين ويندڙ شاگردن جي حوالي سان جائزو اجلاس ٿيو، سليڪشن جي معيار تي پورو لهندڙ شاگردن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪاميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي، ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته چين پاڪستان جو دوست ملڪ آهي، زرعي شعبي ۾ چين جي ترقي بي مثال آهي، پاڪستاني شاگردن جي چين ۾ جديد زرعي تربيت جو سمورو خرچ سرڪار برداشت ڪندي، بلوچستان جي شاگردن لاءِ خاص 10 سيڪڙو ڪوٽا رکي آهي.