ڪوٽڙي (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڙيءَ ڀرسان ايم نائن موٽر وي تي حادثي جي نيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته 10 مسافر زخمي ٿي پيا، پشاور کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ ٽرالر سان ٽڪراجي وئي، حادثي ۾ ڪوچ ڊرائيور فوت ٿي ويو، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10مسافر زخمي ٿي پيا، حادثي بعد فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف ميرواھه گورچاڻي ڀرسان ٽرڪ جي ٽڪر ۾ لاڏائو قبيلي جي عورت چيڀاٽجي فوت ٿي وئي، ڪمند سان ڀريل تيز رفتار ٽرڪ رڍون چاريندڙ صغريٰ زال فدا حسين جانوري مٿان چڙهي وئي، حادثي ۾ 5 رڍون به مري ويون.