غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا ۾ حملا رڪجندي ئي اسرائيل جو والاريل اولهندي ڪناري ۾ فوجي آپريشن، جنين شهر ۾ فائرنگ سبب 9 فلسطيني شهيد، 40 زخمي، اسرائيلي آبادڪارن جا اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين جي ملڪيتن تي حملا، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته هو جنين کي عسڪريت پسندن جو نئون ٺڪاڻو بڻجڻ نه ڏيندا، حماس اڳواڻ ذهير جبارين چيو آهي ته غزا وانگر والاريل ڪناري ۾ به نيتن ياهو کي شڪست ڏيندا.