ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ جي ڪيس ۾ ڪي ايم سي جي اڳوڻي ڊي جي ۽ ميونسپل ڪمشنر جا گرفتاري وارنٽ جاري، اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن جي عدالت جوابدارن اظهر حسين شاهه ۽ شجاعت حسين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت جو جوابدارن کي 24 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم، درخواستگذار موجب ڊي جي ڪي ايم سي ۽ ميونسپل ڪمشنر 30 کان وڌيڪ وڏين اسڪيمن ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏنا، جنهن سان قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان رسيو.