غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 88 فلسطيني شهيد، 189 زخمي، اسرائيلي فورسز هوائي حملن ۾ پناهگير ڪئمپن ۽ گهرن کي نشانو بڻايو، شهيد ٿيندڙن ۾ 30 ٻار ۽ 33 عورتون شامل، جباليه جي علائقي البلاد ۾ گهر تي حملي ۾ 10 ڄڻا شهيد ٿي ويا، غزا ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 46 هزار 876 ٿي ويو، هڪ لک 10 هزار 642 زخمي ٿي چڪا.