ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هائيڊرو ورڪرز يونين جا جبري رٽائرمينٽ ۽ برطرف ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، لاڙڪاڻي ۾ ملازمن جي سرڪل آفيس اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، شهدادڪوٽ ۾ ملازمن لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، اڳواڻن چيو ته هو ڏينهن رات محنت ڪري ڪمپنيءَ کي فائدو ڏين ٿا، حفاظتي سامان توڙي ملازمن جي کوٽ باوجود ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو، جبري رٽائرمينٽ ۽ برطرفي وارو آرڊر واپس ورتو وڃي.