ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان چورن سان مزاحمت ڪندي زخمي، سيف علي خان ۽ سندس گهرواري ڪرينا ڪپور واقعي جي تصديق ڪري ڇڏي، جاري ڪيل بيان ۾ ڪرينا ڪپور جو چوڻ آهي ته رات دير سان هٿياربندن گهر ۾ گهڙي چوري جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدارن چاقن جا وار ڪري سيف علي خان کي زخمي ڪيو، سندس اسپتال ۾ علاج جاري آهي، مداح ڪنهن به افواهه تي ڌيان ڏيڻ بدران سندن طرفان جاري ڪيل بيان تي يقين ڪن.