ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جو خراب گاڏيون نيلام ڪرڻ ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ اِي وي گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ سب ڪميٽي جو اجلاس، مختلف کاتن جي سيڪريٽريز پاران سرڪاري گاڏين بابت 10 سالن جو رڪارڊ پيش، اجلاس ۾ خراب گاڏيون نيلام ڪرڻ ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ اي وي گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، گاڏين جي الاٽمينٽ کي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ گائيڊ لائينز تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وسيلن کي بچائڻ لاءِ نيلامي جو عمل هڪ مهيني ۾ پورو ٿيڻ گهرجي، اي وي گاڏيون خريد ڪرڻ سان حڪومت کي فائدو ٿيندو، ان سان پي او ايل جي بچت ۽ نيلامي به سولي ٿيندي.