تازہ ترین

امير سيڙپڪارن جو گروپ ٽڪ ٽاڪ خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهي: ٽرمپ

اسان وٽ ٽڪ ٽاڪ جي لاءِ خريدار موجود آهي، سندن نالا 2 هفتن ۾ ظاهر ڪندس: آمريڪي صدر

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته امير سيڙپڪارن جو گروپ مشهور سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ خريد ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.

فاڪس نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان وٽ ٽڪ ٽاڪ جي لاءِ خريدار موجود آهي، ڏاڍا امير ماڻهو آهن، هي هڪ گروپ آهي ۽ مان انهن جا نالا 2 هفتن ۾ ظاهر ڪندس.

هن وڌيڪ چيو ته ڇو ته ٽڪ ٽاڪ جي مالڪ ڪمپني چين ۾ موجود آهي، ان لاءِ ان سودي لاءِ چيني حڪومت جي منظوري گھربل آهي ۽ مان اميد ٿو ڪريان ته صدر شي جن پنگ ان جي اجازت ڏيندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.