اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ فوج بهادريءَ سان دهشتگردن جو مقابلو ڪري رهي آهي، ڪرم ۾ ڌرين جا ٺاهيل مورچا ختم ڪيا ويا آهن، توانائي شعبي ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ اوليت آهي، پي آءِ اي جي اڏامن تي لڳل پابنديون ختم ٿي ويون آهن، گذريل دور جي حڪومت ۾ قومي معيشت کي نقصان پهتو، پاڪستان ۾ عورتن جي تعليم جي حوالي سان مختلف چئلينجز آهن. وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته تعليم جي شعبي ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، صوبن سان گڏجي تعليم جي ميدان ۾ پيش ايندڙ چئلنجز کي منهن ڏيڻو آهي.