پشاور (نيشنل ڊيسڪ) ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ چيو آهي ته 1991ع کان پوءِ پاڻي جي حوالي سان اثرائتو آواز ناهي اٿيو، پاڻي جو مسئلو حل ٿيندو ته پوءِ زراعت جو شعبو به ترقي ڪندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪي پي گورنر چيو ته خيبرپختونخوا کي هن وقت تائين پنهنجي حصي جو پاڻي ناهي مليو، ملڪي معيشت ۾ زرعي شعبي جو اهم ڪردار آهي.